خيرپور: پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي 5 ڄڻا مبينا طور کنڀي گم، ڳوٺاڻن جو احتجاج
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس ڳوٺ تي مبينا طور چڙهائي ڪري اڪرم، نديم، حبيب جلباڻي، آصف، ۽ نظر جلباڻي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ مريد جلباڻي، محمد شريف، وحيد علي ۽ ٻين چيو ته خيرپور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جيان اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهرن ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي، عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ويو اسان جي پنج ڄڻن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي نوٽيس ورتو وڃي
