ڏهرڪي: درياهه بچايو ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاج
ڏهرڪي ( رپورٽ: عبدالله بخش راڄڙي ) احتجاجي ريلي ۾ ايس يو پي، قومي عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،مين روڊ تان شروع ٿيل ريلي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي جامع مسجد چوڪ تي پهتي، جتي اڳواڻن حاتن خان شر، لطف ميان، تراب شر ۽ ٻن ارسا ترميمي ايڪٽ کي سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏيندي ان کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هنن چيو ته اسان سنڌو دريا مٿان ڪنھن به ڊيم يا ڪينال کي ھر گز قبول نه ڪنداسين، ھر سنڌ دشمن منصوبي پٺيان پيپلز پارٽي بيٺل آھي، جيڪا پنھنجي اقتدار خاطر سنڌ جو سودو ڪري رھي آھي
