بلاول ڀٽو زرداري پاران قلات ۾ چيڪ پوسٽ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت
( ماينٽرنگ ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران قلات ۾ چيڪ پوسٽ تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت، 7 سڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته وطن خاطر جانيون قربان ڪندڙ نوجوان قوم جي دلين ۾ هميشه زنده رهندا، پيپلز پارٽي دهشتگردي جي سڀني شڪلن جي مذمت ڪري ٿي، اهڙيون بزدلاڻيون ڪاروايون دهشتگردن کي پاڙان پٽڻ واري اسانجي عزم کي ڪمزور نٿيون ڪري سگهن
