ٻانڌي: پ پ اڳواڻ پاران ضلعي صدر صالم زرداري جي مان ۾ آجياڻو
ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) آجياڻي جي تقريب ۾ پ پ ضلعي صدر سالم زرداري، ميرمحمد سيال، عبدالواحد جمالي، احمد چانڊيو، رشيد چانڊيو، مسعود سھتو سميت پ پ اڳواڻن ۽ ورڪرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏھن ته آيل خاص مھمان سالم زرداري کي پ پ اڳواڻ شڪيل قريشي پاران بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو ان موقعي تي ضلعي صدر سالم زرداري چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آھي ۽ پيپلزپارٽي ھميشه عوام جي خدمت ڪئي آھي
