نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس، پ پ ايم اين اي ۽ سندس پٽ ڪيس مان بري
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جاچ آفيسر ايس ايس پي نوابشاهه تنوير تنيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو
ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري حتمي چالان عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو، پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ سندس 2 پٽ نور محمد خان لنڊ ۽ شهباز خان لنڊ ڪيس مان بري
شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ اصغر، برڪت ۽ عبدالله لنڊ کي جوابدار ڄاڻايو ويو، ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ لاءِ جاچ آفيسر تنوير تنيو پيش نه ٿيو ڊي ايس پي چالان پيش ڪيو، ٻيهر ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي
