شڪارپور: مهر ۽ جتوئي برادرين جي خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو
شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) مهر ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ خوني تڪرار جو نبيرو ٿي گذريو، 7 قتل ۽ عورت جي اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڌرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ، سرڪٽ هائوس سکر ۾ سردار علي گوهر مهر جي سرپئنچي هيٺ تڪرار جي نبيري دوران مهر برادريءَ جا 5 خون ثابت ٿيڻ تي جتوئين مٿان ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ مقرر، جتوئي برادريءَ جا 2 خون ثابت ٿيڻ تي مهرن تي 50 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جتوئي برادريءَ جي عورت اغوا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مهرن مٿان 20 لک رپيا ڏنڊ وجهڻ جي فتويٰ ڏني وئي
