موسمياتي تبديلي سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو:وزيراعظم شهباز شريف

Photo_25270

موسمياتي تبديلي سان پاڪستان کي 30 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو، ڪاپ 28 ۾ پاڪستان جي امداد لاءِ ڪيل واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن بروقت قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ نسل اسانکي معاف نه ڪندا:وزيراعظم شهباز شريف جو آذربائيجان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪاپ 29 سمٽ سربراهي اجلاس کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته اسان نه چاهيون ته پاڪستان وانگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين، دنيا کي پاڪستان جهڙن ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي، پاڪستان متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي، محفوظ مستقبل لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *