سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ سموگ، دنيا جي گدلن شهرن جي لسٽ ۾ لاهور جو پهريون نمبر
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ سموگ، دنيا جي گدلن شهرن ۾ لاهور پهرين نمبر تي برقرار، شهر جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 1075 تائين پهچي ويو، سموگ سبب مختلف موٽرويز بند، فلائيٽ آپريشن به متاثر، لاهور ايندڙ 2 فلائيٽن کي اسلام آباد ۾ لينڊ ڪيو ويو، لاهور، ملتان ۽ فيصل آباد کان 10 اڏامون متبادل ايئرپورٽن تي لينڊ ڪيون ويون، سڄي ملڪ ۾ 60 اڏامون دير جو شڪار، شهري نڪ، ڪن، ڳـَلي ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا، ماسڪ استعمال ڪرڻ جي هدايت، اسموگ خلا مان به نظر اچڻ لڳو، گڏيل قومن موجب، هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن جي صحت سموگ سبب خطري هيٺ آهي،گهوٽڪي، خيرپور، سکر، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۾ ڪوهيڙو، ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر، نگاهه جي حد گهٽجڻ سبب ٽرانسپورٽرز کي ڏکيائيون پيش
