سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو حڪم
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن ڪرڻ جو حڪم، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جو اھم اجلاس، شرجيل انعام ميمڻ چوي ٿو، پھرين مرحلي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آپريشن ڪبو، منشيات خلاف دائرو وسيع ڪندي ھر ضلعي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو، اسان جو ٽارگيٽ ڪرسٽل، آئيس، ھيروئن، ڪوڪئن ۽ چرس آھي، ان جو خاتمو ھر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، پوليس ۽ رينجرز به ايڪسائز نارڪوٽڪس ڪنٽرول ٽيمن جو ساٿ ڏيندي، منشيات خلاف نئين قانون کانپوءِ ايڪسائيز نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي ذميواري ۾ اضافو ٿيو آھي، ايندڙ نسل کي منشيات کان بچائڻ ۽ پاڪ معاشري لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
