ملڪ ۾ سون جي في تولو اگهه ۾لاٿ في تولو 2 لک 70 هزار 5 سئو جو ٿي ويو
ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 7 هزار رپيا لاٿ بعد في تولي سون سون جو اگهه 2 لک 70 هزار 500 رپيا ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 6 هزار رپيا سستو ٿيڻ بعد 2 لک 31 هزار 911 رپين جو ٿي ويو، ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ سون 77 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 593 ڊالر في اونس آهي
