روسي صدر ولادمير پيوٽن پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت

Photo_25208

روس جي صدر ولادمير پيوٽن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي. روسي صدر پيوٽن ڪوئيٽا واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان همدردي جو اظهار ڪيو. روسي صدر ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي مارجي ويلن جي وارثن سان به همدردي جو اظهار ڪيو. روس جي صدر ولادمير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسلام آباد سان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ماسڪو هر ممڪن سهڪار ڪندو. پيوٽن چيو ته وحشياڻي ڪارروائي ۾ ملوث عنصرن کي سندن ڏوهه جي سزا ملڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *