شاباس ٽيم پاڪستان! قومي ٽيم 22 سالن بعد آسٽريليا کي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي ڇڏي
پاڪستان 22 سالن کانپوءِ آسٽريليا کي ان جي هوم گرائونڊ تي ون ڊي سيريز ۾ شڪست ڏئي تاريخ رقم ڪري ڇڏي
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ٽين ۽ آخري فيصلائتي ميچ کيڏي وئي جتي پاڪستاني بالرز جي شاندار ڪارڪردگي سبب ميزبان ٽيم 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي،
پاڪستان 141 رنسن جو هدف 27 هين اوور ۾ حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪئي، ان کان اڳ پاڪستان آسٽريليا خلاف 3 ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو
ياد رهي ته ان کان اڳ 2002 ۾ پاڪستان ڪينگروز خلاف آسٽريليا ۾ ون ڊي سيريز کٽي هئي
