دهشتگرد اسرائيل  جا لبنان تي حملا 31 ڄڻا شهيد ٿي ويا

gettyimages-2174977263

پرڏيهي ميڊيا موجب، لبناني صحت واري وزارت ٻڌايو ته حزب الله خلاف اسرائيل پنهنجي حملن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن لبنان جي اوڀر ۽ ڏکڻ وارن علائقن تي اسرائيلي حملن ۾ گھٽ ۾ گھٽ 31 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل طرفان پهريان بالبيڪ هيرميل نالي علائقي کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ 20 ڄڻا شهيد ٿيا جنهن کانپوءِ ٻئي حملي ۾ 11 ڄڻا حياتي وڃائي ويٺا، انهن حملن ۾ 14 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.

ٻئي پاسي اسرائيلي فوج پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هـُنن لبنان ۾ حزب الله جي دهشتگرد ڍانچي کي نشانو بڻايو، حملن ۾ دهشتگرد، آپريشنل اپارٽمينٽ ۽ هٿيارن جي ذخيري جي هنڌن کي تباهه ڪيو ويو.

هوڏانهن جوابي ڪارروائي ڪندي لبنان جي مزاحمتي تنطيم حزب الله اسرائيل جي رمات ڊيوڊ بيس حيفه ۾ نيول بيس ۽ فوجي هوائي اڏي کي نشانو بڻايو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *