خيرپور: پ پ ش ڀ جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ واري فيصلي خلاف احتجاج

Photo_25214

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) مشتاق سرڪي، صفت هاليپوٽو، عطاءُ الله شر، حبدار خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو سنڌي ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهارڻ جي برابر آهي، تنهنڪري اسان سنڌي هن منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

هنن چيو ته سنڌو درياهه سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو جياپو آهي، جيڪڏھن سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ٺاهيا ويا ته سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ کان محروم بڻجي ويندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *