ڪنڊيارو: محبت ديرو مان هٿياربند چوڪيدار کي يرغمال بڻائي سامان ڦري ويا
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) محبت ديرو مان 3 نامعلوم هٿياربند رات دير راشد راچپوت جي اٽي جي چڪي تي ڪاهه ڪري چوڪيدار خدا بخش کي يرغمال بڻائي سولر انورٽر، موبائل ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا، مذاحمت تي چوڪيدار زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو ان سلسلي ۾ چڪي جي مالڪ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو
