ڪوئيٽا ڌماڪي جي شهيدن جي جنازي نماز ادا، آرمي چيف جي شرڪت

Photo_25212

ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿي ويلن جي جنازي نماز پڙهائي وئي، شهيدن جي جنازي نماز ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ جي به شرڪت، آپگهاتي بم ڌماڪي جو سي ٽي ڊي ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل، سي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته آپگهاتي بمبار مسافرن جي وچ ۾ اچي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، کيس 8 کان 9 ڪلو بارودي مواد ٻڌل هو، بمبار جا عضوا ٽيسٽ لاءِ فارنزڪ ليب اماڻيا ويندا، سندس سڃاڻپ لاءِ نادرا کان مدد ورتي ويندي، آپگهاتي حملي ۾ 27 ڄڻا شهيد ۽ 62 مسافر زخمي ٿي پيا هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *