اقبال جي شاعري عمل ۽ پاڻ سڃاڻڻ جي لازوال دعوت آهي: وزيراعظم

AP01_11_2023_000256A

وزيراعظم شهباز شريف شاعر مشرق علامه اقبال جي 147 هين پيدائش جي ڏينهن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته علامه اقبال جي لکڻين ننڍي کنڊ ۽ وچ ايشيا سميت سڄي دنيا تي گهرو اثر وڌو آهي.

هن چيو ته علامه اقبال جي فلسفي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي پنهنجي ڌار سڃاڻپ جو تصور ڏئي هڪ الڳ وطن جو خواب روشن ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ وطن عزيز پاڪستان وجود ۾ آيو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته علامه اقبال جي شاعري رڳو پنهنجي وقت جي عڪاسي نه آهي پر عمل ۽ خود شناسي جي لازوال دعوت آهي.

شهباز شريف چيو ته اچو ته اڄ واعدو ڪريون ته اهي سڀ اقبال جي تعليم کي مجسم ڪري نئين اميد ۽ عزم سان گڏ اڳتي وڌنداسين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *