راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو
امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي . ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي حسن وقار چيما جي صدارت هيٺ ضلعي انٽيلجنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کانسواءِ ضلعي جي آفيسرن ۽ انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي. ڊي سي راولپنڊي اعلان ڪندي چيو آهي ته امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ قلم 144 ٽن ڏينهن تائين لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سيڪيورٽي جا اضافي انتظام ڪيا ويندا. راولپنڊي ۾ هر قسم جي جلسي، جلوس ۽ ريلي تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. عوامي ميڙاڪن ۽ ٻين تقريبن تي به ٽن ڏينهن لاءِ پابندي هوندي، پابندي 8 کان 10 نومبر تائين لاڳو هوندي.
