گهريلو واهپيدارن لاءِ في يونٽ 26 رپين جو هوندو: وزيراعظم

PAKISTAN-POLITICS-VOTE

Pakistan's former Prime Minister and leader of the Pakistan Muslim League-Nawaz (PML-N) party Shehbaz Sharif speaks during a press conference in Lahore on February 13, 2024. (Photo by Arif ALI / AFP) (Photo by ARIF ALI/AFP via Getty Images)

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ يومِ اقبال جي تقريب خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته علامه اقبال جي فلسفي ۽ پيغام تي عمل جي ضرورت آهي.

هن چيو ته علامه اقبال جي شاعري ۾ قومن جي تقدير تبديل ڪرڻ جو پيغام آهي، ايران، ترڪي ۽ وچ اوڀر وارا به اقبال جي ڪلام کان واقف آهن.

وزيراعظم چيو ته معاشي ڏکيائين سبب هو معاشي طور آزاد ناهن، خرچ گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ملڪ جي معاشي صورتحال آهستي آهتي بهتر ٿي رهي آهي.

شهبازشريف چيو ته معاشي صورتحال بهتر ۽ مهانگائي 6 ڏهائي 7 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، وياج جي شرح 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 15 سيڪڙو تي اچي وئي.

وزيراعظم چيو ته حڪومت هر شعبي ۾ سڌارن واري پاليسي تي عمل ڪري ريه آهي، پنجاب ۾ وسيلن کان محرم شاگردن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ موقعا ڏنا ويندا آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *