وڏي وزير ۽ گورنر سنڌ پاران ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل ڌماڪي جي مذمت

Photo_25197

وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي . وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪوئيٽا واقعي ۾ جاني نقصان تي انتھائي ڏک پھتوآھي. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته دھشتگرد خوف جو ماحول پيدا ڪرڻ چاھين ٿا. وڏي وزير چيو ته دھشتگرد پنهنجي منصوبن ۾ ڪڏھن به ڪامياب نه ويندا. ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي سنڌ جي گورنر پاران ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي . سنڌ جي گورنر فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي . سنڌ جي گورنر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي . سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *