مٽياري: ايم پي اي مخدوم فخرالزمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو
مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) مٽياري جي علي بابا شادي ھال ۾پ پ اڳواڻ سيد نور محمد شاهه ۽ صحافي منير خاصخيلي پاران ايم پي اي مخدوم فخرالزمان جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جڏهن ته آيل مهمانن کي لونگين جا تحفا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي ايم پي اي مخدوم فخرالزمان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ضلعي اندر ڪيترائي نوجوان بيروزگار آهن، پوري ملڪ سميت اسان جي ضلعي اندر مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب ماڻهو پريشان آهن، آئون پاڪستان پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت کي لکندس ته اسان کي ضلعي اندر نوڪريون ڏنيون وڃن ته جيئن اسان جي ضلعي ۾ بيروزگاري ختم ٿي سگهي، ان موقعي تي پير صفدر شاهه ھاشمي، پير سيد ارتضيٰ شاهه ھاشمي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا
