خيرپور: ڀرسان بااثرن جي مبينا حملي ۾ پيرسن ۽ سندس گهرواري زخمي
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) بااثرن حملو ڪري پيرسن عمر ميتلو ۽ سندس گهرواري راحت ميتلو کي تشدد جو نشانو بڻائي زخمي ڪري ڇڏيو جن کي خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو، متاثرن ڳالهائيندي چيو ته اهلڪار نعيم ميتلو، رحمت الله، معشوق ميتلو وارن هٿياربند وٺي لکين رپين جا قيمتي وڻ وڍيا منع ڪرڻ تي جوابدارن تشدد ڪيو، نتيجي ۾ پيرسن ۽ سندس گهرواري زخمي ٿي پيا
هنن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي
