پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ ڀارت سائوٿ آفريڪا کي 61 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارت جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 202 اسڪور ٺاهيا،
جواب ۾آفريڪا جي سموري ٽيم 17.5 اوورن ۾ 141 جي مجموعي اسڪور تي آل آئوٽ ٿي وئي
ڀارت طرفان ورن چڪروردي، روي بشنوئي 3، 3 کلاڙين کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ڀارت کي سيريز ۾ 1.0 تان برتري حاصل آهي
