ضلعي گهوٽڪي جي مختلف هنڌن تي سخت ڪوهيڙي جو راڄ
گهوٽڪي ( رپورٽ: عبدالله پير بخش راڄڙي ) صبح ۽ شام جي وقت سخت ڪوهيڙي سبب آمد و رفت متاثر هجي ٿي، ڪوهيڙي سبب ماڻهو گهرن تائين محدود هجن ٿا، جڏهن ته اهو ڪوهيڙو نومبر مهيني ۾ پوندڙ تاريخ جو پهريون ڪوهيڙو آهي، هوڏانهن خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو موسمياتي ڪوهيڙو نه بلڪه موحول کي خراب ڪندڙ سموگ آهي جنهن ڪري صبح ۽ شام جي وقت سخت ڪوهيڙ ڇائنجي وڃي ٿو، ان حوالي سان شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن
