شڪارپور ۾ صحافي زاهد غازي جو نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج

Untitled-1

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) صحافي زاهد غازي ڳالهائيندي چيو ته جيڪب آباد سول لائن پوليس شنڀو شاهه پوليس پڪٽ وٽان غيرقانوني سامان اسمگلنگ ڪرڻ جون خبرون ھلائڻ تي سول لائين ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسان مٿان ڀتاخوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي، جڏهن ته ميڊيا فورم پريس ڪلب جيڪب آباد جي صدر زبير ابڙو کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته بلاجواز گھر ۾ گھڙي چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪندي گھر ڀاتين تي پڻ تشدد ڪيو آھي هن چيو ته اسان انھن جي ڪڌي عملن کي ظاهر ڪندا رھندا سين، هن جو چوڻ هو ته اسين پوليس جي ڪوڙين ايف آئي آر کان نٿا ڊڄون، اختياريون مامري جو نوٽيس وٺن ۽ صحافين کي انصاف فراهم ڪن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *