26هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيسن جي ٻڌڻي وارو معاملو مونجهاري جو شڪار
26هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيسن جي ٻڌڻي وارو معاملو مونجهاري جو شڪار، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي، هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ نئين آئيني درخواستن تي ٻڌڻي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، وڪيلن نئين آئيني درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ عدالت کان اجازت گهـُري هئي، جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اڄ نئين آئيني بينچ ٺهي رهي آهي ڪهڙو ڪيس ڪهڙي بينچ ڏانهن ويندو ان جو فيصلو ٿي ويندو
