ڀارت چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو: ڀارتي ميڊيا

000_32LY3JK

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پنهنجي ٽيم پاڪستان نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي،

انڊين ايڪسپريس جي رپورٽ موجب ڀارتي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ويندي ۽ اهو اسان جو آخري فيصلو آهي جيڪو اسان پاڪستان کي خط ۾ لکي موڪليو آهي

ڀارتي بورڊ موجب ڀارتي ٽيم جون ميچون دبئي ۾ ڪرايون وڃن، جڏهن ته بي سي سي آئي پنهنجن خدشن کان اختيارين کي پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هو پنهنجون دبئي ۾ کيڏڻ چاهين ٿا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *