شهدادپور: پاڪستان زنده باد موومينٽ جي ضلعي وائيس چيئرمين جو احتجاج
شهدادپور ( رپورٽ: مزمل کوکر ) شهدادپور پريس ڪلب تي مولا بخش پنهور صحافين آڏو دانهيندي چيو ته شھدادپور تپي جو تپيدار صاقب آرائين رشوت جي بازار گرم ڪري ويٺل آهي، ڪو به جائز ڪم رشوت کانسواءِ نه ٿو ڪري هن چيو ته پلاٽن ۽ زرعي زمين جا سيل سرٽيفيڪٽ، گروي، فوتي کاتا مٽرائڻ ۽ داخلا جا 50 هزار کان لکن تائين رشوت ورتي وڃي ٿي ھن چيو ته اي سي ۽ مختيارڪار کي شڪايتون ڪرڻ باوجود تپيدار ثاقب آرائين خلاف ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي، وس وارا مامري جو نوٽيس وٺن ۽ ڄاڻايل تپيدار خلاف ڪاروائي ڪن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
