سنگرار مان اغوا ٿي ويل نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڀنگ طلب ٿيڻ جو انڪشاف
سنگرار مان اغوا ٿي ويل نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ڀنگ طلب ٿيڻ جو انڪشاف، ڌاڙيلن طرفان هفتو پهرين پريا ڪماريءَ جي والد راج ڪمار کي فون ڪري ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وئي، اڻڄاتل نمبر تان ٻه ڀيرا فون آئي، پريا جي آزاديءَ لاءِ ڀنگ گهريو ويو آهي، ايس ايس پي سکر امجد شيخ کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي: پريا ڪماريءَ جي والد راجڪمار جو بيان، ايس ايس پي سکر امجد شيخ چيو آهي ته ڏوهاري مختلف نالن سان پريا جي وارثن کان ڀنگ طلب گهرن ٿا، جاچ ڪئي وئي آهي، پريا ڪماريءَ جي موجودگي جي حوالي سان ڪا به تصديق نه ٿي آهي.
