خيرپور ۾ پوليس جو مبينا مقابلو هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ سوگهو

WhatsApp Image 2024-11-07 at 10.44.15_648adf7f

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس موٽرسائيڪلون ڦر ڪندڙ گروهه سان مبينا مقابلي بعد هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي

پوليس موجب گمبٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ذوالفقار چاچڙ ۽ سندس ٽيم گمبٽ لولائي پل وٽ موٽرسائيڪلون ڦر ڪندڙ ڏوهارين جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي پوليس پهتي ته پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران پوليس هڪ بدنام ڏوهاري محبت علي خاصخيلي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون آهن

پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري ڌاڙن، چورين، پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *