خيرپور ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

social news - Copy

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف خيرپور پريس ڪلب آڏو رياض علي، رمضان گبول، فرمان رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان کي ويٽنگ ۾ چار سال گذري ويا آهن پر اسان کي آفر آرڊر نه پيا ڏنا وڃن جنهن ڪري پريشان آهيون، هنن چيو ته تازو ئي سنڌ حڪومت پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته 30 سال کان مٿي عمر رکندڙ نوجوان ڪنهن به نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ نه ٿو ڪري سگهي هاڻي اسان ٻيهر ڪٿي به اپلاءِ نه ڪري سگهنداسين، تنهنڪري جلد اسان جي ايس اين اي منظور ڪري اسان کي آفر آرڊر ڏنا وڃن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *