آصف علي زرداري سنڌي ماڻھن جي ووٽ تي صدارتي محل ۾ ويٺو آھي: ڊاڪٽر قادر مگسي
ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته آصف علي زرداري سنڌي ماڻھن جي ووٽ تي صدارتي محل ۾ ويٺو آھي، هو سنڌ جي قومي حقن جو تحفظ ڪري.
هالا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيوته پيپلزپارٽي ٿل ڪئنال ۽ چولستان ڪئنال خلاف قرارداد پاس ڪرائي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿاري.
هن چيو ته چولستان ڪئنال جي منظور ڏني وئي آهي، سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ کي منهن ڏي رهي آهي، جياپي جو دارو مدار درياءَ جي پاڻي تي آھي، پاڻي بند ٿي ويو ته سنڌ 6 ڪروڙ عوام جو اجتماعي قبرستان بڻجي ويندو.
سندس چوڻ هو ته بدقسمتي اھا آھي ته صدر جي حيثيت ۾ جيڪي پراڻا قانون ٺھيل آھن، انھن کي اورانگھي آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي حقن کي پائمال ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي جي جيڪا ڪوشش آھي اھا انتھائي نقصانڪار ثابت ٿيندي.
ايس ٽي پي سربراهه چيو ته سنڌ صحت، تعليم، بيروگاري، ڪرپشن ۽ بدامني سميت ٻين مسئلن جي ور چڙهيل آهي.
