سنڌ جي 28 هزار 505 سرڪاري ملازمن جي گهروارين کي بي آءِ ايس پي جا پئسا جاري ٿيڻ جو انڪشاف
سنڌ جي مختلف کاتن جي 28 هزار 505 سرڪاري ملازمن يا سندن زالن جي نالن تي بي آءِ ايس پي جا پئسا جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سرڪار پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پئسا وٺندڙ سرڪاري ملازمن ۽ سندن زالن جا پيسا واپس اوڳاڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ناڻي کاتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت پيسا وٺندڙ سرڪاري ملازمن جون لسٽون ضلعي سطح تي ٽريزري سميت لاڳاپيل ادارن کي اماڻي ڇڏيون.
لسٽ تحت 20هين گريڊ جي 59 آفيسرن جون گهر واريون به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان فائدو وٺندڙن ۾ شامل آهن.
لسٽ موجب، 18 هين گريڊ جي 180 آفيسرن ۽ 17 هين گريڊ جي 212 آفيسرن جون گهرواريون به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا وٺندڙن ۾ شامل آهن.
لسٽ موجب، بي آءِ ايس پي تحت پئسا وصول ڪندڙن ۾ مختلف کاتن جي ڊپٽي ڊائريڪٽرن، اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن، ڊي ايس پي، تعلقه ايجوڪيشن آفيسرن، ليڪچرارن ۽ ٻين آفيسرن جون گهر واريون شامل هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
