ڀرياسٽي ڀرسان مبينا طور ظالم پٽ پنهنجي زال سان گڏجي امڙ جو نڪ ڀڃي ڇڏيو

social news

ڀرياسٽي ( رپورٽ: فقير حسين ) ٺاروشاهه ۾ ظالم پٽ پنهنجي گھرواري سان گڏجي پنهنجي ماءُ تي مبينا طور ظالماڻو تشدد ڪيو آهي، تشدد سبب پيرسن عورت جو نڪ ڀڄي پيو آهي، ان سلسلي ۾ ٺاروشاهه جي ھري پور ڪالوني جي رھواسي پيرسن عورت کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد متاثره پيرسن عورت ٿاڻي تي پهتي جتي هن پنهنجي پٽ ۽ ان جي گهرواري خلاف ڪاروائي جي اپيل ڪئي، پوليس ڪاروائي ڪندي ظالم پٽ کي گرفتار ڪري ورتو، ان موقعي تي پيرسن عورت جو چوڻ هو ته منهنجي پٽ خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *