لاڙڪاڻو: ايف آءِ اي پاران سعودي عرب جون ڪوڙيون ويزا وڪرو ڪندڙ عورت گرفتار

Photo_25106

لاڙڪاڻي ۾ ايف آءِ اي سعودي عرب جون ڪوڙيون ويزا وڪرو ڪندڙ عورت کي گرفتار ڪري ورتو. ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل ڪاروائي ڪري فراڊ ڪري سعودي عرب جون جعلي ورڪ ويزائون ڏئي لکين روپيه هڙپ ڪرڻ تي عورت کي گرفتار ڪيو آهي. ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل لاڙڪاڻو علي گوهر آباد پاڙي ۾ ڪاروائي ڪري سعودي عرب جي ورڪ ويزا لاءِ لکين روپيه وٺي جعلي ويزائون ڏيڻ تي عورت ارشاد سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرڪل لاڙڪاڻو جي سب انسپيڪٽر ٻڌايو ته گرفتار عورت عورت ارشاد سومرو لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي ڪاشف احمد جوڻيجو سندس ڀاءُ زوهيب علي جوڻيجو ۽ ڀيڻ بينظير جوڻيجو کان سعودي عرب جي ورڪ ويزا لاءِ مختلف وقتن تي 32 لک 70 هزار روپيه وٺي هڙپ ڪري وئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪاشف ۽ سندس ڀاءُ جي فرياد تي جوابدار عورت ارشاد سومرو ۽ امتياز ٻٻر تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته عورت ۽ زوهيب وچ ۾ سعودي عرب جي ورڪ ويزا لاءِ ايگريمينٽ ٿي هئي جنهن ۾ زوهيب ۽ ڪاشف پنهنجي ڀيڻ بينظير جوڻيجو سان گڏجي ارشاد کي 13 ڄڻن جي سعودي عرب جي ورڪ ويزا لاءِ مختلف وقتن تي 32 لک 70 هزار روپيه ڏنا هئا جيڪي هن پاڻ وٺڻ بجاءِ امتياز ٻٻر جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪرايا. جنهن کان پوءِ عورت زوهيب جوڻيجو وارن سان فراڊ ڪندي اهي پئسا هڙپ ڪري کين جعلي ويزائون ڏنيون. هن ٻڌايو ته گرفتار عورت ارشاد خاتون سومرو ۽ امتياز علي ٻٻر وٽ اورسيز ايمپلائيمينٽ ڪارپوريشن پاڪستان جو لائسنس ناهي جيڪي غيرقانوني طريقي سان اميگريشن جو ڪاروبار ڪندا هئا جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *