آمريڪا جي هڪ رياست ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کان ڪپڙا ڌوئاريا ويندا
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز سڀاڻي ٿيندڙ چونڊن متعلق هڪ لسٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ڪجهه انوکين پولنگ اسٽيشنن متعلق ڄاڻ حاصل ڪندڙ ماڻهو حيران رهجي ويا آهن،
اهڙي ئي حيران ڪندڙ هڪ پولنگ اسٽيشن آمريڪي رياست شڪاگو ۾ ٺاهي وئي آهي جتي ڪا به سرڪاري عمارت نه هئڻ تي سرڪار ڌوٻي جي دڪان کي پولنگ اسٽيشن بڻائي ڇڏيو آهي
ان حوالي سان آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب شڪاگو جي هڪ علائقي ۾ پولنگ اسٽيشن لاءِ سرڪاري جڳهه نه هئڻ تي هڪ ڌوٻي پنهنجو دڪان پولنگ اسٽيشن لاءِ وقف ڪيو آهي جتي پولنگ اسٽيشن ٺاهي وئي آهي جتي پولنگ بوٿ به لڳايا ويا آهن ۽ اڱاري تي ٿيندڙ چونڊن لاءِ رهواسي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا ۽ پنهنجا ڪپڙا به ڌوئي سگهندا، ان سلسلي ۾ ڌوٻي جو چوڻ هو ته اهڙي عمل سان ڪاروبار کي ڪافي فائدو ٿيو آهي
