خيرپور: ڳوٺ وڏا کنڀڙا واسي نوجوان عطائي ڊاڪٽر جي مبينا غلط علاج سبب اپاهج بڻيل

WhatsApp Image 2024-11-04 at 20.59.41_a62f1f99

خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) ڳوٺ وڏا کنڀڙا جي رهواسي مشهور پهلوان شاهنواز ميتلو جو پٽ 30 ورهين جو نوجوان گلبهار ميتلو مبينا طور عطائي ڊاڪٽر جي لڳايل غلط انجيڪشن سبب حالت نازڪ بڻيل آهي،

ان موقعي تي متاثر نوجوان گلبهار ميتلو جي ڀاءُ علي نواز ميتلو ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ سندس ڀاءُ گلبهار ميتلو کي بخار ٿي پيو هو جنهن کي عطائي ڊاڪٽر حنيف شيخ غلط انجيڪشن لڳايو هو، ان انجيڪشن جي ري ايڪشن ٿيڻ سبب منهنجي ڀاءُ جو سڄو جسم ڳري سجي ڦاٽي پيو آهي

ھن الزام مڙهيو ته ڊاڪٽر حنيف شيخ اڳ به ماڻهن جو غلط علاج ڪري کين موت جي ننڊ سمهاري چڪو آهي اهڙا ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتار به ٿيو ڏيتي ليتي بعد هو آزاد ٿي وڃي ٿو ۽ ماڻهن جي زندگين  سان کيڏي ٿو

متاثر نوجوان جي وارثن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڊاڪٽر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *