جماعت اسلاميءَ 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو
جماعت اسلاميءَ 26هين آئيني ترميم کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان اعليٰ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، درخواست ۾ وفاق سميت چئن ئي صوبن کي ڌر بڻايو ويو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 26هين آئيني ترميم بنيادي حقن جي خلاف آهي، آئيني ترميم بنيادي آئيني ڍانچي ۽ ڪيترين ئي آئيني شقن جي ڀڃڪڙي آهي، استدعا آهي ته 26هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي
