سنڌ هاءِ ڪورٽ، فاطمه ڦرڙو ڪيس واپس اي ٽي سي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

social news - Copy

سنڌ هاءِ ڪورٽ، فاطمه ڦرڙو ڪيس واپس اي ٽي سي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خيرپور جي عدالت فاطمه ڦرڙو ڪيس جو ريفرنس سنڌ هاءِ ڪورٽ موڪليو هو، سيشن جج اي ٽي سي جي فيصلي تي مطئمن نه ٿيندي ريفرنس هاءِ ڪورٽ موڪليو هو، ريفرنس جي ٻڌڻي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران فاطمه ڦرڙو جو پيءُ ۽ ماءُ عدالت ۾ پيش ٿيا، فاطمه ڦرڙو جي والد ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان مطئمن آهيون،اسان جو مطالبو آهي ته اسان کي انصاف ملي، فريادي جي وڪيل جو چوڻ آهي ته جوابدار اسد شاهه ڏوهه لڪائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *