پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتيءَ جي 8 ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتيءَ جي 8 ڪيسن ۾ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي، پراسيڪيوٽر ۽ اعظم سواتي جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت 20 – 20 هزار روپين جي مچلڪن عيوض 8 ڪيسن ۾ اعظم سواتي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست منظور ڪئي
