وزيراعظم ايندڙ هفتي عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب ويندو

thumbs_b_c_232fd9c514b826fe7b65c97767908039

وزيراعظم شهباز شريف ايندڙ هفتي عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب ويندو.

وچ اوڀر جي صورتحال تي غور لاءِ سعودي عرب ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم شهباز شريف 10 نومبر تي رياض پهچندو.

وزيراعظم شهباز شريف 11 نومبر تي ٻئي عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾شرڪت ڪندو اجلاس ۾ فلسطين، لبنان سميت خطي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ اسلام ملڪن جا نمائندا وچ اوڀر جي صورتحال تي تجويزون ڏيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *