نيوزيلينڊ ڀارت کي هوم سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو
نيوزيلينڊ ڀارت کي ٽن ٽيسٽ مئچز واري هوم سيريز ۾ وائٽ واش ڪري ڇڏيو نيوزيلينڊ ڀارت کي ٽئين ٽيسٽ ۾ 25 رنسن تان شڪست ڏئي ميزبان ٽيم کي پهريون ڀيرو هوم سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو، جڏهن ته ڀارت کي سندس پنهنجي گهر 12 سالن کانپوءِ ٽيسٽ سيريز ۾ شڪست ۽ 25 سالن کانپوءِ ڪلين سوئپ جو منهن ڏسڻو پيو. ڀارت جي شهر ممبئي ۾ کيڏيل ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 235 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڀارت 263 رنسون ٺاهي 28 رنسن جي سرسي حاصل ڪئي. ٻي اننگز ۾ ميزبان ٽيم 174 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ ڀارت کي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ صرف 147 رنسن جو ٽارگيٽ مليو، پر ميزبان ٽيم پهرين اننگز ۾ برتري حاصل ڪرڻ واري ٽيم صرف 121 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارتي ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ ٻيا رانديگر هڪ ٻئي جي پٺيان آئوٽ ٿيندا رهيا. نيوزيلينڊ جي کاٻي هٿ جي اسپنر اعجاز پٽيل پهرين اننگز ۾ 5 ۽ ٻي اننگز ۾ 6 وڪيٽون ورتيون، جنهن تي کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، جڏهن ته وِل يونگ سيريز ۾ 244 رنسون اسڪور ڪيون جنهن تي کيس مين آف دي سيريز قرار ڏنو ويو. ياد رهي ته ڀارت کي نيوزيلينڊ پهريون ڀيرو پنهنجي هوم گرائونڊ تي ٽيسٽ سيريز ۾ ڪلين سوئپ ۾ شڪست ڏني آهي.
