نوشهروفيروز : مبينا طور نياڻي جو علاج نه ڪرائي سگهندڙ پورهيت آپگهات ڪري ڇڏيو
نوشهروفيروز ( رپورٽر ) ڳوٺ گل محمد ۾ 33 سالن جي پورھيت پرويز لوھاچ مبينا طور گھر ٻاھران وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي زندگي جو انت آندو آهي، اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ اڪرم لوھاچ ٻڌايو ته پورهيت پرويز لوھاچ گڏهه گاڏو ھلائيندو ھو، سندس امڙ کيس چيو ته بيمار پوٽيءَ کي درگاهه سعيدي موساڻي تي وٺي وڃ، پر ھن علاج جا پئسا نه ھجڻ توڙي گهريلو پريشاني سبب ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي، هوڏانهن فوتي جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو
