سنڌ جي وڏي وزير 3 نومبر کي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو

social news 1 - Copy (2)

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه 3 نومبر کي ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اڄ جي ڏينهن هڪ آمر پاڪستان جي آئين تي ڪاري ضرب لڳائي غيرقانوني حڪومت قائم ڪري ملڪ کي ڪمزور ڪيو، پرويز مشرف دور ۾ دهشتگردي جا ڪافي واقعا ٿيا، ان جي ئي دور ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو،پ پ قيادت ۽ ملڪي عوام کي هميشه آمرن جي هٿان نقصان ٿيو آهي، نقصانن باوجود پ پ جمهوريت جو علم بلند ڪري بهترين انتقام ورتو، ملڪ جي عوام ۽ سمورن سياسي جماعتن کي جمهوريت جي حفاظت ڪرڻي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *