ڪنڊيارو: هوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ ويندڙ نوجوانن سان حادثو هڪ فوت هڪ زخمي

WhatsApp Image 2024-11-03 at 22.18.33_08eb4148

ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) عابد پئٽرول پمپ ڀرسان ٽرالر ۽ موٽرسائڪل ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ نشتر محله جو رهواسي نوجوان فلڪ شير ڏاهري فوت ٿي ويو  جڏهن ته سندس دوست جنيد شاھ زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي نوجوان جو مڙهه ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان فوتي جو مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته ٽرالر ڊرائيور گاڏي سميت موقعي تان فرار ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان فلڪ شير ۽ زخمي جنيد شاهه ھوٽل تي چانهه پيئڻ لاءِ وڃي رھيا ھيا ته حادثو پيش آيو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *