گهوٽڪي: پيرپکڙوئي لال جو 35هون عرس مبارڪ، مير نور محمد خان لنڊ پهچي افتتاح ڪيو
گهوٽڪي ( رپورٽ: اسد الله صادق لغاري ) پيرپکڙوئي لعل جو 35هون عرس مبارڪ شروع ٿيندي ئي زائرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي، پ پ ايم اين اي سردار مير خالد احمد خان لنڊ جي فرزند سردارزاده مير نور محمد خان لنڊ درگاهه پيرپکڙوئي پهچي عرس مبارڪ جي تقريبن جو افتتاح ڪيو، ميلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جا ڪوڏي ڪوڏي مقابلا ٿي رهيا آهن جڏهن ته سنڌ جي مشهور صوفي فنڪارن پهچي پنهنجي فن جو مظاهرو پڻ ڪيو آهي، ان موقعي تي سردارزاده مير نور محمد خان لنڊ ڳالهائيندي چيو ته پيرپکڙوئي لعل جي ميلي جي منعقد ٿيڻ تي خوشي آهي عرس ۾ شرڪت ڪندڙ سڀني زائرين کي خوش آمديد ڪريان ٿو،
