ڏهرڪي: ٽائون انتظاميه ڀاڻ فيڪٽري جي ڏنل ڊسٽ بنس تي پنهنجا مونوگرام لڳائي ڇڏيا

social news 1 - Copy (2)

ڏهرڪي ( اسٽاپ رپورٽ: عبدالله بخش راڄڙي ) ڏهرڪي ٽائون ڪاميٽي جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، خانگي ڀاڻ فيڪٽري پاران شهر جي گند ڪچري لاءِ ڏنل ڊسٽ بنس تي پنهنجا مونوگرام لڳائي ڇڏيا، خانگي ڀاڻ فيڪٽري شهر کي گندگي کان صاف رکڻ لاءِ شهر جي مختلف هنڌن تي 60 کان وڌيڪ ڊسٽ بنس لڳايا هئا،

هوڏانهن اينگرو انتظاميه جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف هنڌن تي اسان شهر کي صاف رکڻ لاءِ ڊسٽ بنس لڳايا هئا، تصويرون وائرل ٿيون آهن ته اسان جي ڊسٽ بنس تي ٽائون ڪاميٽي پنهنجو مونوگرام لڳائي ڇڏيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *