ڀارتي فضائي آلودگي جا اثر لاهور ۾ اچي رهيا آهن: عظميٰ بخاري

Photo_25002

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) اطلاعات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته لاهور ۾ سموگ عروج تي آهي، ڀارتي فضائي آلودگي جا اثر لاهور ۾ اچي رهيا آهن، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير اعظميٰ بخاري چيو ته ڀارت فضائي آلودگي تي اهڙي ريت ضابطو نه ڪري رهيو آهي جهڙي طرح ڪرڻ گهرجي، اسان فضا کي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته مريم نواز جلد ڀارتي پنجاب جي وڏي وزير کي خط لکندي، گذريل ڏينهن بلوچستان جي هڪ اسڪول تي دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي صوبائي وزير اعظميٰ بخاري چيو ته هـُو بزدلاڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، هو سمورن زخمي ٻارن لاءِ ماءُ وانگر دعاگو آهي هن چيو ته دهشتگردن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي، دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *