گلوبل وليج جي عنوان هيٺ تقريب ڪوٺاڻن کي ساراهيون ٿا: سيد ذوالفقار شاهه

453509814_915369983733783_8536708837845849225_n

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) صوبائي وزير سيد ذوالفقار شاهه چيو آهي ته گلوبل وليج جي عنوان هيٺ تقريب ڪوٺاڻن تي گرينوچ يونيورسٽي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. ثقافت ۽ سياحت کاتي وارو صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه گرينوچ يونيورسٽي پهتو. گرينوچ يونيورسٽي ۾ گلوبل وليج جي نالي سان ٿيل تقريب ۾پ پ ايم پي اي هالار وساڻ به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا قونصل جنرلز به شريڪ ٿيا، جڏهن ته ثقافتي اسٽال پڻ لڳايا ويا. ان موقعي تي سيد ذوالفقار شاهه جو چوڻ هو ته گلوبل وليج جي عنوان هيٺ تقريب ڪرائڻ تي انتظاميا جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيان ٿو. هن چيو ته مختلف ملڪن جا ثقافتي اسٽالز ڏسي خوشي ٿي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *