بدقسمتي سان صحافين کي سچ لکڻ لاءِ مختلف خطرا برداشت ڪرڻا پوندا آھن: وزيراعظم

220410225812-shahbaz-sharif-pakistan-040722

( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بدقسمتي سان صحافين کي سچ لکڻ لاءِ مختلف خطرا برداشت ڪرڻا پوندا آھن صحافين خلاف ڏوھن جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافي دنيا کي باخبر رکڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آھن، بدقسمتي سان صحافين کي سچ لکڻ لاءِ مختلف خطرا برداشت ڪرڻا پوندا آھن هن چيو ته امن، تڪرار ۽ جنگن ۾ صحافي پنهنجي جان خطري ۾ وجھي فرض سرانجام ڏين ٿا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته سچ چوڻ تي صحافين کي اغوا، قتل ۽ تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، غزا ۾ صحافين جي قتل عام تي اسرائيل کي انصاف جي ڪٽھڙي ۾ آڻڻ گھرجي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *